Share this link via
Personality Websites!
جي ڪم اچون، ايئن ڪنداسين ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! الله پاڪ جا پيارا نبيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان راضي ٿي ويندا، جيڪڏهن رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راضي ٿي ويا ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! الله پاڪ به راضي ٿي ويندو۔
کام وہ لے لیجئے! تم کو جو راضی کرے ٹھیک ہو نامِ رضا تم پہ کروروں درود([1])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خصوصيتن مان پنجين اهم ترين خصوصيت هي آهي ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيعتِ رِضوان جي موقعي تي پنهنجي هٿ کي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو هٿ فرمايو۔
هجرت جي ڇهين سال صلح حديبيه جو موقعو هو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي سَفَير بڻائي مڪي شريف روانو فرمايو۔
ان وقت تائين مڪه مڪرمه فتح ڪونه ٿيو هو، مڪي پاڪ تي ڪافِرن جو قبضو هو، ان ڪري مڪي وارن حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي روڪي ورتو۔ هوڏانهن هڪ ڪوڙي خبر پکڙجي وئي ته ڪافِرن حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي۔
غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي جيتوڻيڪ خبر هئي ته هي يه خبر ڪوڙي آهي، البت پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami