Share this link via
Personality Websites!
مسلمانن جي ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: ڀلائي چار شين ۾ آهي: (1) نوافل پڙهي ڪري الله پاڪ کان محبت جو اظهار ڪرڻ ۾(2) الله پاڪ جي احڪامن تي صبر کان ڪم وٺڻ ۾ (3) الله پاڪ جي تقدير تي راضي رهڻ ۾(4) ۽ الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، انهي ڪري ان کان حياء ڪرڻ ۾.
ابن ماجه جي حديث پاڪ ۾ آهي: بيشڪ هر دين جو هڪ خُلق آهي ۽ اسلام جو خلق حياء آهي(ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب الحیاء، صفحہ:679، حدیث:4181) يعني هر امت جي ڪا نه ڪا خاص خصلت هوندي آهي جيڪا ٻين خصلتن تي غالب ٿيندي آهي ۽اسلام جي اها خصلت حياء آهي. انهي ڪري حياء هڪ اهڙو خُلق آهي جيڪو اخلاقي چڱائين جي تڪميل، ايمان جي مضبوطي جو باعث ۽ ان جي علامتن مان آهي.
پياراپيارا اسلامي ڀائرو! حياء جي نشونماء ۾ ماحول ۽ تربيت جو تمام گهڻو عمل دخل هوندو آهي. حيادار ماحول ملڻ جي صورت ۾ حياء خوب نکرندو آهي جڏهن ته بي حياء ماڻهن جي صحبت دل ۽ نگاھ جي پاڪيزگي کسي بي شرم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ٻانهو بيشمار غير اخلاقي ۽ ناجائز ڪمن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي انهي ڪري حياء ئي ته هئي جيڪا برائين ۽ گناهن کان روڪيندي هئي. جڏهن حياء ئي نه رهي ته هاڻي برائي ڪير روڪي؟ ڪيئي ماڻهو هوندا جيڪي بدنامي جي خوف سبب شرمائي برائيون ناهن ڪندا پر جن کي نيڪ نامي ۽ بدنامي جي پرواھ ناهي هوندي اهڙا بي حياء ماڻهن هر گناھ ڪري ويهندا،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami