Share this link via
Personality Websites!
اُستاد کی کرتا رہوں ہر دم میں اِطاعت ماں باپ کی عزّت کی بھی توفیق خُدا دے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي احاديثِ مبارڪه جي روشني ۾ پيءُ جي شان ۽ پيءُ سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جي اهميت تي مشتمل 6 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن
(1)ارشاد فرمايائون: پيءُ جنت جو وچون دروازو آهي، تنهنجي مرضي آهي، ان جي حفاظت ڪر يا ان کي ڇڏي ڏئي۔
(ترمذي، ڪتاب البر والصلة،باب :ماجاء من الفضل في رضا الوالدين ،۳/ ۳۵۹، حديث:۱۹۰۶)
(2) ارشاد فرمايائون: پٽ پنهنجي پيءُ جو حق ادا نٿو ڪري سگھي ايستائين جو پٽ پنهنجي پيءُ کي غلام ڏسي ۽ ان کي خريدي آزاد ڪري ڇڏي۔
(مسلم،ڪتاب العتق،باب فضل عتق الوالد،حديث:۳۷۹۹،ص۶۲۴)
(3) ارشاد فرمايائون: ربّ جي رضا پيءُ جي رضا مندي ۾ آهي ۽ ربّ جي ناراضي پيءُ جي ناراضي ۾ آهي۔
(ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ما جاء من الفضل في رضا الوالدين، ۳/۳۶۰، حديث: ۱۹۰۷)
(4) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جي اطاعت والد جي اطاعت ڪرڻ ۾ آهي ۽ الله پاڪ جي نافرماني والد جي نافرماني ڪرڻ ۾ آهي۔
(معجم اوسط، باب الالف، من اسمه: احمد، ۱/۶۱۴، حديث: ۲۲۵۵)
(5) ارشاد فرمايائون: جنهن پنهنجي والدين يا انهن مان ڪنهن هڪ کي ڏٺائين ۽ ان سان حسنِ سلوڪ نه ڪيائين هو الله ڪريم جي رحمت کان پري ٿيو ۽ خدا جي غضب جو مستحق ٿيو۔ (معجم ڪبير، ۱۲/۶۶، حديث: ۱۲۵۵۱)
(6) ارشاد فرمايائون: توهان مان ڪو پنهنجي پيءُ کي بلڪل گار نه ڏي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami