Share this link via
Personality Websites!
عمل ايتري قدر پسند آيو جو ان وفا شعار پٽ کان راضي ٿي الله پاڪ دنيا ۾ ئي پنهنجي نعمتن جي برسات ڪري ڇڏي۔ الله ڪريم هر مسلمان کي پنهنجي والد جو اطاعت گذار ۽ فرمانبردار بڻائي ۽ انهن جي خدمت ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! پيءُ جا پنهنجي اولاد تي ايتري قدر احسان هوندا آهن جو جيڪڏهن اولاد کي هڪ ته ڇا ڪيئي زندگيون به ملن تڏهن به هو پنهنجي پيءُ جي احسانن جو بدلو نٿو چڪائي سگھي۔ ”پيءُ“ قُدرت جو اَنمول تحفو آهي، پيءُ جو فرمانبردار الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، پيءُ خاندان ۾ اَولاد جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي، پيءُ جو خدمت گار چين ۽ سُڪون جي زندگي گذاريندو آهي، پيءُ کي راضي رکڻ اولاد تي لازم آهي، پيءُ جي حقن کان آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي، پيءُ صبح سويري ڪم ڪار جي لاءِ گھران نڪرندو آهي سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري اولاد جو پيٽ ڀريندو آهي، پيءُ اَولاد جي ترقّي لاءِ هميشه تڙپندو رهندو آهي، پيءُ پنهنجي اَولاد جي ڀلائي چاهڻ وارو هوندو آهي، پيءُ پنهنجي اولاد تي احسان ڪندو آهي، پيءُ بيمار اَولاد تي خرچ به ڪندو آهي،۽ وقت به ڏيندو آهي، پيءُ بيمار اَولاد خاطر سخت سياري ۾ به سڄي سڄي رات جاڳي گذاريندو آهي، پيءُ بيمار اولاد خاطر مهانگين اسپتالن جا چڪر لڳائيندو ۽ مهانگيون دوائون به خريد ڪندو آهي، پيءُ اَولاد جو مستقبل سَنوارڻ جي لاءِ پنهنجون تمام تر توانائيون اَولاد جي لاءِ وَقف ڪندو آهي، پيءُ اَولاد جي لاءِ سائيدار وڻ جيان هوندو آهي، پيءُ پاڻ گرمي برداشت ڪري اَولاد کي آرام ۽ سُڪون پهچائيندو آهي، پيءُ اَولاد جي راحت خاطر پاڻ تڪليفون سهندو آهي، پيءُ اَولاد جا ناز نخرا سهندو آهي، پيءُ قَرض کڻي به اَولاد جي خواهشن کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami