Share this link via
Personality Websites!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام پيءُ جهڙي محترم هستي جا کوڙ حق بيان ڪيا آهن ۽ اسان کي پيءُ جهڙي مهربان ذات سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جو واضح حڪم ارشاد فرمايو آهي۔ تنهنڪري جهڙي طرح اسان پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪريون ٿا، ان جي حقن کي ادا ڪريون ٿا ۽ ان سان حُسنِ سُلوڪ ڪريون ٿا، اهڙي طرح اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي والد جي به قدر ڪريون، ان جا حق پورا ڪريون، ان جو ادب ڪريون ۽ ان جي خدمت ڪندو رهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پيءُ جي خدمت ڪرڻ نهايت ئي وڏي سعادت مندي جي ڳالھ ۽ رضاءِ الٰهي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ پيءُ جي خدمت ڪرڻ جي بدلي ۾ الله پاڪ اولاد کي ڪهڙن ڪهڙن اِنعامن ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami