Share this link via
Personality Websites!
ڏنائين: ان ڪري جو هتي ته مون پنهنجي پيءُ کي اڇلايو هو۔ هي ٻڌي پٽ ڏڪي ويو ته سڀاڻي منهنجو به ساڳيو ئي انجام ٿيندو۔ هو پيءُ کي گھر وٺي آيو ۽ ان جي خدمت شروع ڪري ڇڏي۔ (جيسی کرنی ويسی بھرنی، ص۹۰)
دِل دُکھانا چھوڑ دیں ماں باپ کا ورنہ ہے اِس میں خَسارہ آپ کا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسة المدينه بالغان“
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! پيءُ سان بدسُلوڪي ڪرڻ ڪيتري قدر تباھ ڪن آهي جو الله پاڪ دنيا ۾ ئي ان جي سزا ٻانهي کي ڏئي ڇڏيندو آهي۔ ته اچو! اڄ اسان سڀئي نِيت ڪريون ٿا ته اڄ کان خاص ڪري پنهنجي والد کي نه ستائينداسين، انهن جو دل نه ڏکائينداسين، والد جي هر جائز حڪم جي پيروي ڪنداسين، والد جي رضا وارا ڪم ڪنداسين، والد جي ناراضي وارن ڪمن کان بچنداسين، جنهن ڪم کان هو منع ڪندا جيڪڏهن ڪا شرعي خرابي نه هجي ته هڪدم ان ڪم کان رڪي وڃو، سڄي زندگي انهن جي فرمانبرداري ڪنداسين، اها مدني سوچ ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺندا رهنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ ياد رهي! 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مَدرَسة المدينه بالِغان“ ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان دُرُست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسل وغيره ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان چڱي صُحبت مُيسّر ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙھائڻ جي سعادت ملندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami