Share this link via
Personality Websites!
ٿيندڙ ان بي مُرُوَّت شهزاديء جي ٻڌايل رستي تان اَردَ شِير بادشاھ تمام جلد ان شهر کي فتح ڪري ورتو۔
غفلت ۽ بي خبري جي عالم ۾ کوڙ سارا سپاهي هلاڪ ٿي ويا ۽ شهر جو بادشاھ يعني ان شهزاديءِ جو پيءُ به قتل ڪيو ويو۔ وعدي موجب اَردَ شِير شهزاديء سان شادي ڪري ورتي، شهزادي کي نه ته پنهنجي پيءُ جي هلاڪت جو غم هو ۽ نه ئي پنهنجي ملڪ جي بربادي جي ڪا پرواهه۔ بس پنهنجي نفساني خواهش جي مطابق ٿيڻ واري شادي تي اها بيحد خوش هئي۔ ڏينهن گذرندا رهيا، ان جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو رهيو۔ هڪ رات جڏهن شهزادي بستر تي ليٽي ته ڪافي دير تائين ان کي ننڊ نه آئي اها بي چيني سان هر هر پاسا بدلجندي رهي۔ اَردَ شِير ان جا اها حالت ڏٺي ته چيائين: ’’ڇا ڳالھ آهي؟ تون کي ننڊ ڇو نه پئي اچي؟‘‘شهزادي چيائين: ’’منهنجي بستر تي ڪا شيء آهي جنهن جي ڪري مون کي ننڊ نه پئي اچي۔‘‘ اَردَ شِير جڏهن بستر ڏٺائين ته ڪجھ ڌاڳا هڪ هنڌ گڏ هئا جنهن سبب شهزاديء جو انتهائي نرم ۽ نازڪ جسم بي چين ٿي رهيو هو۔ اَردَ شِير کي ان جي جسم جي نرمي ۽ نزاڪت تي گھڻو تعجب ٿيو۔ ان پڇيائين: ”تنهنجو پيءُ تون کي ڪهڙي غذا کارائيندو هو جنهن جي ڪري تنهنجو جسم ايترو نرم ۽ نازڪ آهي؟“ شهزادي چيائين: ”منهنجي غذا مکڻ، هڏين جو مِک، ماکي ۽ مغز هوندي هئي۔“ اَردَ شِير چيائين: ”تنهنجي پيءُ جيان آسائش ۽ آرام تون کي ڪڏهن ڪنهن نه ڏنو هوندو۔ تو ان جي احسان ۽ قرابت جو ايترو بُرو بدلو ڏنو جو ان کي قتل ڪرائي ڇڏيو۔ جڏهن تون پنهنجي شفيق پيءُ سان ڀلائي نه ڪري سگھين ته مان به پنهنجو پاڻ کي تو کان محفوظ نٿو سمجھان۔“ پوءِ اَردَ شِير حڪم ڏنائين: ’’هن جي مٿي جي وارن کي طاقتور گھوڙي جي پڇ سان ٻڌي گھوڙي کي تيزي سان ڊوڙايو وڃي۔“ حڪم جي پيروي ٿي ۽ ڪجھ ئي لمحن ۾ ان نفس پرست شهزادي جو جسم ٽڪر ٽڪر ٿي ويو۔ (عيون الحڪايات، ۲/۲۳۱)
دُنیا کو تُو کیا جانے یہ بِس کی گانٹھ ہے حَرَّافہ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami