Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
حضرت سيِّدُنا ابوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نئون ڪپڙو چاهي عمامو يا قميص پائيندا هئا ته ان جو نالو رکندا هئا۔ (ابوداوٗد ج 4 ص 59 حديث: 4020) حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ عمامي شريف جو نالو ”سَحاب (ڪڪر)“ هو۔ (شرح الزرقاني علي المواهب ج 5 ص 97)
حضورانورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خيبر جي مقام تي واقع هڪ چشمي جو نالو ”قِسۡمَةُ الۡمَلائِڪَة (ملائڪن جو حصو/ ملائڪن جي تقسيم)“ رکيو۔ (خلاصة الوفا باخبار دار المصطفيٰ ج 2 ص 1179)
سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سواري جي گھوڙن جا نالا ”لَحِيف (ڊگهي پڇ وارو)“[1] ”ظَرِبۡ (مضبوط و طاقتور)“، ”لِزاز (تيز رفتار)“ ۽ ڪارو گھوڙو جنهن کي ”سڪب (تيزرفتار)“ چيو ويندو هو ۽ زين جو نالو ”داج (ڪشاده)“ هو هڪ ڪاراڻ مائل اڇو خچر هو جنهن کي دلدل چيو ويندو هو هڪ ڏاچي جنهن کي ”قصوا (تيز هلڻ واري)“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو جڏهن ته دراز گوش جو نالو ”يعفور (تيز رفتار“ هو۔ (المعجم الڪبير ج 11 ص 92 حديث 11208)
سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جون ڏھ کير ڏيندڙ ٻڪريون هونديون هيون: (1) عَجۡوَه (2) زَمۡزَمۡ (3) سُقۡيا (4) بَرَڪَة (5) وَرۡسَة
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC