You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

عيب) جي معنيٰ موجود هجي (علّامه ابن حجر فرمائن ٿا) مان چوان ٿو: ٽين ڳالھ پهرين کان زياده خاص آهي جيتوڻيڪ نالا ماڻهن جي لاءِ علامت هوندا آهن انهن جي ذريعي صفت جي حقيقت مقصود ناهي هوندي پر ڪراهت جو سبب هي آهي ته ڪو شخص ان جو نالو ٻڌندو ته گمان ڪندو ان شخص جي اندر اها صفت موجود آهي۔ اهوئي سبب آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن شخص جي نالي کي اهڙي نالي سان تبديل فرمائيندا هئا ته جڏهن ان کي ان نالي سان سڏيو وڃي ته ان تي صادق اچي، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترائي نالا تبديل فرمايا ۽ جيڪي تبديل ڪيا اُهي ان جي ڪري تبديل نه ڪيا جو اهي نالا رکڻ منع آهن بلڪ ان ڪري جو انهن کي تبديل ڪرڻ بهتر آهي، نالو ان ڪري ناهي رکيو ويندو جو ان ماڻهو ۾ اها وصف به موجود هجي بلڪ ان کي ٻين کان الڳ سڃاڻپ ڏيڻ جي لاءِ رکيو ويندو آهي ان ڪري مسلمان بري شخص جو نالو ”حَسَن (يعني سٺو)“ ۽ گنهگار شخص جو نالو ”صالح (يعني نيڪ)“ رکڻ کي جائز قرار ڏين ٿا ۽ ان تي اها ڳالھ به دلالت ڪري ٿي ته جڏهن حضرت حزن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه[1] پنهنجو نالو ”سهل“ سان نه بدليو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي ”سهل“ نالو رکڻ لازم نه ڪيو، جيڪڏهن اهو نالو رکڻ ان تي لازم هجي ها ته پاڻ سڳورا      صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي اها ڳالھ: ”مان پنهنجي والد جو رکيل نالو نه بدلائيندس“ هرگز قبول نه ڪن ها۔

(فتح الباري لابن حجر ج 11 ص 486 تحت الحديث 6193)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1]  حضرت سيِّدُنا حزن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مڪمل واقعو هن ڪتاب جي صفحي82  تي ملاحظه ڪيو۔

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION