Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
رشتيدارن کي پڪارڻ جي لاءِ مختلف زبانن ۽ علائقن ۾ مختلف لفظ ۽ انداز رائج آهن۔ انهن مان جيڪي ادب جي وڌيڪ ويجها ۽ شريعت جي مطابق هجن، سٺين سٺين نيتن سان انهن کي اختيار ڪرڻ گھرجي۔ ڪن علائقن ۾ ماما سائين، چاچا سائين، ادا، ادا سائين وغيره ڳالهايو ويندو آهي۔
گھٽ عمر وارن رشتيدارن مثال طور: ننڍا ڀاءُ ڀيڻ، ڀاڻيجا، ڀائيٽيا، پڻ پنهنجي اولاد سان گفتگو ۽ انهن کي پڪارڻ وقت شفقت ڀريي ۽ مهذّب انداز ۾ ”توهان، جناب“ سان ڳالھ ڪرڻ نه رڳو ڳالھ ڪرڻ واري جي شخصيّت جي عڪاسي ٿئي ٿي بلڪه هي انداز ٻارن جي تربيّت ۾ به معاون ثابت ٿئي ٿو ڇوته ٻار عام طور تي وڏن جي اقوال ۽ افعال مان اثر وٺندا ۽ نقل ڪندا آهن۔ انهيءَ باري ۾ اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو طرز عمل ڪهڙو هو، هن روايت مان اندازو لڳايو۔ حضرت سيِّدُنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي ارشاد فرمايو: اي پٽ! (مسلم ص 1185 رقم: 2151)
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل 1195 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهارِ شريعت (جلد 3)“ جي صفحي 657 تي آهي: عورت کي هي مڪروھ آهي ته مڙس جو نالو وٺي سڏي۔ (درمختار ج 9 ص 690) ڪن جاهلن ۾ هي مشهور آهي ته عورت جيڪڏهن مڙس جو نالو وٺي ته نڪاح ٽٽي پوندو آهي۔
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC