ماڻهؤ کي قَيّوم ، قُدوس ۽ رحمٰن چئي سڏ نه ڪجي
You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

جواب: ائين چوڻ حرام آهي۔ ڪن فقهاءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی وٽ ٻانهي کي الله عَزَّوَجَلَّ جي مخصوص نالن جيئن قَيُّوم، قُدُّوس يا رحمٰن چئي پڪارڻ ڪفر آهي۔ ”قَيُّومِ جهان“ يا ”قَيُّومِ زمان“ چوڻ جو هڪ ئي حڪم آهي۔ جيئن ته منهنجي آقا اعليٰ حضرت        رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فتاوٰي رضويه جلد 15 صفحي 280 تي فرمائن ٿا: فقهاءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی ”قَيُّوم جهان“ غير خدا کي چوڻ تي تڪفير فرمائي۔ مَجۡمَعُ الۡاَنۡهَر ۾ آهي: ”جيڪڏهن ڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي اَسماءِ مُختَصَّه (يعني مخصوص نالن) ۾ ڪنهن نالي جو اطلاق مخلوق تي ڪري جيئن ان کي (يعني مخلوق جي ڪنهن فرد کي) قُدُّوس، قَيُّوم يا رحمٰن چوي ته اهو ڪفر ٿي ويندو۔“ (مجمع الانهر ج 2 ص 504)

(وَاللّٰهُ تَعَالٰى اَعْلَم)

ماڻهؤ کي قَيّوم ، قُدوس ۽ رحمٰن چئي سڏ نه ڪجي

          شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي ڪتاب ”ڪفريه ڪلمات کےبارےمیں سوال جواب“ جي صفحي 591 تي بيان ڪيل سوال جواب کان پوءِ لکن ٿا: مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سخت تاڪيد آهي ته ڪنهن به شخص کي رحمٰن، قَيُّوم ۽ قُدُّوس وغيره نه چئو بلڪ عادت بڻايو ته جنهن جي نالي ۾ الله جي نالي سان ”عبد“ جي اضافت هجي مثلًا جنهن جو نالو عبدالمجيد يا عبدالڪريم وغيره هجي ان کي مجيد يا ڪريم چئي ڪري نه سڏين، ان مان ”عبد“ خارج نه ڪيو، باقي! غيرخدا کي ”مجيد“ يا ”ڪريم“ چوڻ ڪفر ناهي۔  

     (ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب ص 591)

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION